hindi movie
Monday, 30 January 2012
Sunday, 29 January 2012
aakash panhwer

aakash panhwer
mumtaz panhwer
اڄ به ياد آهن
اهي خوشين جا پل
هر پل توکي خوش ڏسڻ
جا پل
جڏهن تو چيو ”مرڪ“
هاڻي ايڏي به سهڻي نه آهين
پر توکي ڪيئن سمجھايان
منهنجا مٺا سائين
اگر مان تنهنجي نظر ۾
ٿوري به اهم آهيان
ته مان پاڻ کي دنيا
جي سونهن راڻي
سمجھان ٿي ـ
مرڪ سنڌي
Saturday, 28 January 2012
Friday, 27 January 2012
سُر ليلا چنيسر
داستان پهريون
1
داغُ تُنهِنجو دائِما، ماري مَعذُورين؛
سائينءَ ڪارَڻِ سُپرين! وَڃِجِ مَ ڏُورين؛
آءٌ تو حُضُورين، مَڻِيو وِجھان مَچَ ۾.
2
مَڻِيو وِجھان مَچَ ۾، هائِيءَ هڻِي هارُ؛
سوڀِي! سُکُ سيَّدُ چئي، ڪَرِئين ڪوهُ قَرارُ؟
راجا رِيساڻو گھڻو، سَٽاڻو سردارُ؛
چؤڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيهان ڏيہِ ڏَهڪارُ؛
ٺاڪُرُ اکِيين ٺارُ، مَڻِـئي تي ٿِي مَٽِئين!
3
چَنيسَرُ چَؤرَنگُ، ٻِرَنگو لوڪُ ٻِيو؛
تنهن سين ڇِنِيو سَنگُ، وَڃِيو هارَ هَٿُ ڇُهِين!
4
مَڻِـئي تي موهِجِي، مُوڙِهِي ڪَيُءِ مَرَڪُ؛
چئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ؛
وَرِي ويو وَرَقُ، آيُءِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
5
مَڻِـئي مَٿي جي هُئا، تِن چِٽَنِ ڦيرِيُمِ چِتُ؛
هارُ کَٽَندِيَسِ هوڏَ ۾، نيبَہُ ٿيندُمِ نِتُ؛
ڪؤنرُوءَ جو ڪِرِتُ، مُونهان مَٿاهُون ٿِيو.
6
مَڻِيو ناهِ مَڻِـيُون، جو تُون پَسِي هارُ هِرکِـئين؛
اَصۡلِ آهي اَڳَهين، سَندِيُون ڪُوڙَ ڪَڻِيـُون؛
اِنَ گھوڙَنِ هَنئي گَھڻِـيُون، دوسَنِئان دُورِ ڪَيون.
7
تو جو ڀانيو هارُ، سو سُورَنِ جو سَڱرو؛
چنيسَرُ چِتُ کـڻي، ٿِيو پورِهِيَتِ جو پارُ؛
اَوَڻت جو آچارُ، ڪانڌ ڪَنهِين سين مَ ڪَري.
8
نه ڪِي هو ٻانهَڙِيُنِ ۾، نه ڪِي ڳَرِ هُئومِ؛
نه مُون، سِينڌِ نه سُرمو، نه سِينگارُ ڪَيومِ؛
تيلانہ ڪانڌُ سَندومِ، رُکو ئِي رَءِ ڳِڙي.
9
سونا ڪُرَّ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙها هارَ؛
ٻانهُوٽا ٻانهُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ؛
تيلانہَ پِيَّ پَچارَ، ڪانڌَ مُنهِنجي ڇَڏِئِي.
10
اُو ڏَمِرِيو ڏِسُ! حِيلو هُنهَنيِن هارَ جو؛
سُڻو سَڀ سَرَتِيُون! وَرُ نه ڪَنهِين وَسِ؛
دَعَوىٰ پَهرِئين دَسِ، ڀَڃِيو ٿو ڀورا ڪَري.
11
پُوچا ڏِٺَمِ پـيرَ، ڍَڪَڻَ مٿي ڍولَ جا؛
مون ڀانيو تَنهِن ويرَ، ڪوجِھي ڪَندو پَرِيئَڙِي.
12
سَوَڙِيـين سُتَڙِياءِ، پَکو سَهُو وِلارِيو؛
چَنيسَرَ ڪانڌاءِ! تان مُون هِئَن نه ڀانئيو!
داستان ٻيو
1
ٿِڙِڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرِڪِي تَڪَبُّرَ ۾ پئي؛
اَچِيو اَچِيو، ”اَڳَـلِي!“، چَئي لِيلا کي لوڪُ؛
اندَرُ اوڀالَن سين، ساڙي ڪَيائُونس سوڪُ؛
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِيو ويچاريءَ وِسرِي.
2
هُئِينءَ ته گَھڻو هُوشِيارُ، ڪَلَ به هُيَئِ ڪانڌَ جِي؟
تو ڀانيو موچارِي ٿيان، ڳِچئَ پائي هارُ!
ڪانڌَ ڪُوڙيءَ جو نه وَڻي، سَئين ڀَتين سِينگارُ؛
وَهَمَ لَهي وِينجھارُ، دِليُون پَرکي داسَڙو.
3
وڏيرِي هُياسِ، ميڙو مُون گَھرِ سَرَتِيين؛
هَٿَ ڇُهَڻَ هارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِياسِ؛
ڍولي ڍيلِياسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
4
وَڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾؛
دُهِلين دَمامين، نَقرين، ٿي پَلِپَلِ پُڇِياسِ؛
ڍولي ڍيلِياسِ، ٿِـيَسِ ڏُهاڳِڻِ ڏيہَ ۾.
5
وَڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾؛
دائِيين، ٻائِيين، دَرِبانَنِ، پَرِ ۾ ٿي پُڇِياسِ؛
دُهلين دَمامين، نَقرين، ٿي وِچَ ۾ وِهارِياسِ؛
هُيَسِ دادُلِي دوسَنِ جي، کَـڻي هَلڪِي هارَ ڪَياسِ؛
تِنهان پوءِ ٿِياسِ، ڪانيارِي ڪانڌَ جِي.
6
هُيَسِ هِندورَنِ ۾، پِييَمِ ڪانَه پَرُوڙَ؛
مَڻِئي سنَدي مامِري، ڪوجھي وِڌَيَسِ ڪُوڙَ؛
سامُهان ٿِـيَمِ سُورَ، وِيو وِلُٽي وَلَهو!
7
لِيلا! جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ؛
وَرَ سين وِڙِهيو اُٿِـئين، مُوڙهِي! مُٺُءِ پاڻُ؛
ڀوري! ڪَيُءِ ڀاڻُ، تي آيُءِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
8
لِيلا! پُورِي نه پَـئِين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ؛
تو جو ڀانيو پانهِنجو، سو رِيساڻو راڄاڻُ؛
پاڻان ڌارَ پِرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنهنجو نه وَڻي.
9
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! تُون مَ لکاءِ؛
دوسُ تُنهِنجو داسڙو، کاندِ وَڏيائِي کاءِ؛
ته ڍولو ڍَڪَ سَندِياءِ، عَيبَنِ کي آڏو پَئي.
10
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! تُون مَ لکاءِ؛
اِيُ ڪانڌُ ڪَنهِجو نه ٿِئي، نه ڪا مُون نه تُون؛
رُئندِيُون ڏِٺيون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادليُون.
11
لِيلا! حِيلا ڇَڏِ، جي تُون سوڀِي! سِکِـئين؛
پائي پاندُ ڳِچيءَ ۾، پاڻُ غَرِيـبيءَ گَڏِ؛
هَڏِ نه چَوَندُءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِـئَين ڪانڌَ کي.
داستان ٽيون
1
چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري؛
جان مُون پوءِ پَرُوڙِيو، ته هِيُ نه ماڻي ماڳُ
ڏَمِرِيو ڏُهاڳُ، سِگھو ڏِئي سُهاڳِـڻِيين.
2
چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري؛
ڪانڌَ ڪَنهِين جو نه وَڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ؛
جي ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، ته دوسَ دَسائي داسَڙو.
3
سَڀيئِي سُهاڳِـڻيُون، سَڀـنِي مُنهَن جَڙاءُ؛
سَڀَ ڪَنهِين ڀانيو پاڻَ کي، ته اِيندو مُون ڳَرِ راءُ؛
پيٺو تَنِ دَراءُ، جي پَسي پاڻُ لَڄائِيُون.
4
اَوَڳُڻ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ داسَڙا!
جِئَن تو رُسَڻَ سنديون رُوحَ ۾، تِئَن مون ڀيڻِي ناهِ ڀَتار!
سائِينءَ لڳِ، سَتارَ! ميٽِ مَدايُون مُنهِنجيُون.
5
جي مُون مُوڙهِي مَتِّ، ته تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!
اصۡلِ اَوايِنِ جا، عَيبَ ڍَڪِئين تُون اَتِّ؛
اِيَ، پِرَ! تُنهنجي پَتِّ، جِئَن وِلِهيُون ڍَڪِئين وَلَھا!
6
ڪوڙين تُنهنجُون ڪامِڻِيُون، تون ڪوڙِيَنِ سَندو ڪانڌُ؛
مُون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا! ته وَڃان نه وِڻِواندُ؛
مون ڳِچيءَ ۾ پاندُ؛ تو، چنيسَرَ! هَٿَ ۾.
Wednesday, 25 January 2012
Saturday, 21 January 2012
dost tu achy hoty hen
Khushi Ko Dhondny Se Ghum Milte Hain,
Yeh Ghum Xindagi Main Har Dam Milte Hain
Jo0o Dil Ke Sarey Dard Bant Ley
Aesy Dost
Xindagi Main Bahot Kaam Milte Hain
نهاري ڏسڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي
نهارڻ سوا تون ڏسڻ يار سکجان
ملاقات لئه هر هر هرکي ٿي دل هيءَ
ملڻ کان سوا تون ملڻ يار سکجان
محبت ڏٺي جي نه قائل ٿي سگهندي
ڏسڻ کانسوائي ڏسڻ يار سکجان
غلاظت ذهن جي، بدن تي آ ڀاري
ٿورو تون پاسو ڪرڻ يار سکجان
مرڻ سان ملاقات ٿيندي ضرور
مرڻ سان نه گڏپر مرڻ يار سکجان
حسن دل ۾ منهنجي، دعائن جيان تون
وڃين ٿو پر واپس ورڻ يار سکجان
Subscribe to:
Posts (Atom)